اسان جو جسم

اسان جو جسم (ڪتاب): ”علم بدن“ جي موضوع تي هيءُ ڪتاب حافظ احسن جو لکيل هو، جيڪو ”اردو سائنس بورڊ“ جي ڇپرايل ڪتاب ”همارا جسم ڪيسي ڪام ڪرتا هي“ جو آسان سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي. سنڌي ادب ۾ سائنسي ڪتابن جي لکڻ ۽ شايع ڪرائڻ واري رٿا هيٺ هيءُ ڪتاب اصل اردو ڪتاب تان ٻيهر بدر رضوان عباسيءَ ترجمو ڪيو ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپايو. هن ڪتاب ۾ انساني جسم جي مختلف عضون، انهن جي جوڙجڪ ۽ ڪم ڪرڻ جا طريقا ڄاڻايل آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ بنيادي سائنس جي حوالي سان هيءُ ڪتاب سٺي اهميت رکي ٿو. ڪتاب جو تفصيل هن ريت آهي: صفحا 36 ڇپيندڙ آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي، مُلهه 20 روپيا، ڇاپو پهريون، مارچ 1996ع، تعداد هڪ هزار ڪاپيون.


لفظ اسان جو جسمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو